مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن..

13 171